شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو

شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو

شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو

شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور بزرگ شاعر شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام تي مشتمل آهي ۽ ان ۾ عبدالقدوس شاهه، فقير محمد ڪلهوڙي عرف فتح فقير ۽ غلام حيدر ’تيرهي‘ جو ڪلام به شامل آهي. هن رسالي کي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سهيڙيو آهي ۽ ڪتاب جو مهاڳ به مرتب خود لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي ڪلام جا 26 سُرُ شامل آهن. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو ڪلام ۽ ٻيو ڀاڱو ٽن ضميمن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ضميمي ۾ عبدالقدوس شاهه جو ڪلام، ٻئي ضيمي ۾ فقير محمد ڪلهوڙي عرف فتح فقير جو ڪلام ۽ ٽئين ضميمي ۾ غلام حيدر فقير جو ڪلام ڏنل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. 398 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، 1972ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 9 روپيا 99 پئسا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو